ڊاڪٽر احسان دانش
هوائون گيت ڳائن ٿيون
(هڪ تاثر)
هوا، جيئاپي جو جواز آهي. سائنس چوي ٿي هوا ۾ آڪسيجن آهي، جتي آڪسيجن ناهي اُتي زندگيءَ جو تصور عبث. چنڊُ آڪسيجن کان عاري آهي، مريخ، مشتري، زهرا، عطارد ۽ ٻين کوڙ سيارن تي ساهه کڻڻ محال آهي. هِڪَ اسان جي ڌرتي آهي جتي ’هوائون گيت ڳائن ٿيون.‘ گيتَ، خوشين جي علامت آهن. شاعرَ اڪثر اداس موسمن ۾ جيئندا آهن، ان ڪري هو پنهنجي من کي آٿت ڏيڻ لاءِ ڪڏهن من موهيندڙ منظرن ۽ محاڪات جو سهارو وٺندا آهن ته ڪڏهن کين هوائن ۾ به گيتن جي گونجار محسوس ٿيندي آهي. نياز ملاح به هوائن جا گيت ڪنائي شعر لکي ٿو. هو اداس هوندي به مسرور آهي. هن جا شعر پڙهي نراسائيءَ جا پاڇا وڌندي محسوس ٿين ٿا پر هو وقت بوقت پنهنجي اندر جا احساس پَنن تي پرٽي، ورق ڪارا ڪري ڪتابن جي گود ڀري سرهائي محسوس ڪري ٿو.
”هوائون گيت ڳائن ٿيون“ نياز جو ڏهون ڪتاب آهي ۽ منهنجو ساڻس تعلق ان وقت کان آهي جڏهن اڃا سندس پهريون ڪتاب ”پيار جي پاڇي ۾“ ڇپيو هو. ان دوران مون سندس هڪ ڪتاب جو مهاڳ پڻ لکيو آهي. هن جي ڪتابن ڇپجڻ جي اسپيڊ مان لڳي ٿو ته هن جيڪا به سٽ لکي آهي ان کي ڪتاب ۾ ڇپايو آهي ۽ شايد اڳتي به ائين ئي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. اهڙو مثال لاڙڪاڻي جي هڪ جھوني شاعر غلام نبي گل جو به آهي، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪا به سٽ لکي تنهن کي ڪتاب ۾ ڇپايو. نياز تمام تيزيءَ سان لکي ٿو ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو وڃي ٿو. اڪثر تکا ۽ تڪڙا قدم کڻڻ سان ٿاٻڙجڻ جو خطرو رهندو آهي پر نياز ان جي پرواهه ڪرڻ بنان پنهنجو سفر جاري رکيو آهي. هن جي شاعريءَ مان نقاد ڪيئي جھول ڳولي سگھن ٿا پر مان هن جي پورهيي ۾ جيڪو پيار ڏسان ٿو ان جو قدر ڪريان ٿو. هن جو تخليقي پورهيو ڀٽائي جي ان بيت وانگر آهي ته:محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن اڻ توريو اگھايو.
سڄي ڳالهه آهي محبت جي. محبت، جيڪا زندگيءَ کي معنى ڏئي ٿي. محبت جيڪا ماڻپي جي علامت آهي، محبت جنهن سان دلين کي فتح ڪري سگھجي ٿو..... اها ئي محبت نياز جي شاعريءَ جو محور آهي. هونءَ به شاعري ۽ خاص طور غزل جي شاعريءَ جو بنيادي موضوع به رومانيت ئي آهي. رومانس کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو آهي به ڇا؟ لفظ ’انسان‘ جنهن جو مادو ئي ’اُنس‘ يعني محبت آهي ان وٽ محبت جي پچار نه هوندي ته ٻيو ڇا هوندو. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪي انسان پنهنجي شرف ۽ شان کي وساري حيوان به بڻجي وڃن ٿا.... پر هڪ شاعر اهڙو انسان آهي جيڪو اُنس ۽ محبت جي مٺاڻ سان ڀريل هوندو آهي. هڪ شاعر ۾ محبت سان گڏ نمرتا ۽ ’نياز‘ به هجي ته ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. نياز رڳو نالي جو نياز ناهي پر هن جي مزاج ۾ به نئڙت ۽ نياز جي خوبي موجود آهي.



















