Thursday, 13 May 2021

هوائون گيت ڳائن ٿيون (هڪ تاثر)ــــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

هوائون گيت ڳائن ٿيون

(هڪ تاثر)

 

هوا، جيئاپي جو جواز آهي. سائنس چوي ٿي هوا ۾ آڪسيجن آهي، جتي آڪسيجن ناهي اُتي زندگيءَ جو تصور عبث. چنڊُ آڪسيجن کان عاري آهي، مريخ، مشتري، زهرا، عطارد ۽ ٻين کوڙ سيارن تي ساهه کڻڻ محال آهي. هِڪَ اسان جي ڌرتي آهي جتي ’هوائون گيت ڳائن ٿيون.‘ گيتَ، خوشين جي علامت آهن. شاعرَ اڪثر اداس موسمن ۾ جيئندا آهن، ان ڪري هو پنهنجي من کي آٿت ڏيڻ لاءِ ڪڏهن من موهيندڙ منظرن ۽ محاڪات جو سهارو وٺندا آهن ته ڪڏهن کين هوائن ۾ به گيتن جي گونجار محسوس ٿيندي آهي. نياز ملاح به هوائن جا گيت ڪنائي شعر لکي ٿو. هو اداس هوندي به مسرور آهي. هن جا شعر پڙهي نراسائيءَ جا پاڇا وڌندي محسوس ٿين ٿا پر هو وقت بوقت پنهنجي اندر جا احساس پَنن تي پرٽي، ورق ڪارا ڪري ڪتابن جي گود ڀري سرهائي محسوس ڪري ٿو.

”هوائون گيت ڳائن ٿيون“ نياز جو ڏهون ڪتاب آهي ۽ منهنجو ساڻس تعلق ان وقت کان آهي جڏهن اڃا سندس پهريون ڪتاب ”پيار جي پاڇي ۾“ ڇپيو هو. ان دوران مون سندس هڪ ڪتاب  جو مهاڳ پڻ لکيو آهي. هن جي ڪتابن ڇپجڻ جي اسپيڊ مان لڳي ٿو ته هن جيڪا به سٽ لکي آهي ان کي ڪتاب ۾ ڇپايو آهي ۽ شايد اڳتي به ائين ئي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. اهڙو مثال لاڙڪاڻي جي هڪ جھوني شاعر غلام نبي گل جو به آهي، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪا به سٽ لکي تنهن کي ڪتاب ۾ ڇپايو. نياز تمام تيزيءَ سان لکي ٿو ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو وڃي ٿو. اڪثر تکا ۽ تڪڙا قدم کڻڻ سان ٿاٻڙجڻ جو خطرو رهندو آهي پر نياز ان جي پرواهه ڪرڻ بنان پنهنجو سفر جاري رکيو آهي. هن جي شاعريءَ مان نقاد ڪيئي جھول ڳولي سگھن ٿا پر مان هن جي پورهيي ۾ جيڪو پيار ڏسان ٿو ان جو قدر ڪريان ٿو. هن جو تخليقي پورهيو ڀٽائي جي ان بيت وانگر آهي ته:

محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،

تن جو صرافن اڻ توريو اگھايو.


 

سڄي ڳالهه آهي محبت جي. محبت، جيڪا زندگيءَ کي معنى ڏئي ٿي. محبت جيڪا ماڻپي جي علامت آهي، محبت جنهن سان دلين کي فتح ڪري سگھجي ٿو..... اها ئي محبت نياز جي شاعريءَ جو محور آهي. هونءَ به شاعري ۽ خاص طور غزل جي شاعريءَ جو بنيادي موضوع به رومانيت ئي آهي. رومانس کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو آهي به ڇا؟ لفظ ’انسان‘ جنهن جو مادو ئي ’اُنس‘ يعني محبت آهي ان وٽ محبت جي پچار نه هوندي ته ٻيو ڇا هوندو. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪي انسان پنهنجي شرف ۽ شان کي وساري حيوان به بڻجي وڃن ٿا.... پر هڪ شاعر اهڙو انسان آهي جيڪو اُنس ۽ محبت جي مٺاڻ سان ڀريل هوندو آهي. هڪ شاعر ۾ محبت سان گڏ نمرتا ۽ ’نياز‘ به هجي ته ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. نياز رڳو نالي جو نياز ناهي پر هن جي مزاج ۾ به نئڙت ۽ نياز جي خوبي موجود آهي.

هِڪَ جدت طراز سگھڙ جو ڪلام ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 ڊاڪٽر احسان دانش


 

هِڪَ جدت طراز سگھڙ جو ڪلام

 

لوڪ ادب ڪنهن به قوم جو اهڙو املهه خزانو آهي، جيڪو جيتري دير تائين دلين، ذهنن ۽ ڪتابن ۾ محفوظ رهندو اوتري دير تائين ٻوليءَ جي اصليت ۽ نج پڻو قائم رهي سگھندو ۽ ائين عوام ۾ عام رهندڙ ۽ ٻهراڙين ۾ ٻولي ويندڙ ٻولي زنده رهي سگھندي...


حقيقت اها آهي ته لوڪ ادب ڪنهن به ٻوليءَ جي ڀاڳ جي نشاني آهي، ڇوته ان وسيلي ٻوليءَ جي وسعت ۽ اهميت کي ماپي سگھجي ٿو ۽ ٻولي جيتري ڪُهني ۽ قديم هوندي اوترو ان جي لوڪ ڏاهپ جو خزانو جھجھو ۽ جام هوندو. اسان جي سنڌي ٻولي به دنيا جي پراڻين ٻولين ۾ ڳَڻي وڃي ٿي ۽ ان جو اوائلي ادبي ذخيرو به لوڪ شاعريءَ جي صنفن ڳيچ، ڳاهه، لولي ۽ پرولي جي روپ ۾ ملي ٿو. لوڪ شاعريءَ ۾ رڳو لفظن جو هجوم نه هوندو آهي پر اکرن جو اهڙو تال ميل هوندو آهي، جيڪو سهڻو ۽ سڀاويڪ لڳندو آهي. ٻيلهي لفظ، هڪ لفظ جون گھڻيون معنائون، گھڻين معنائن لاءِ هڪ لفظ، بي نڪتا لفظ، وسريل ۽ دفن ٿيل لفظ، ٻين ٻولين مان ورتل لفظ، الڳ الڳ اسمن لاءِ استعمال ۾ ايندڙ لفظ..... لوڪ شاعريءَ ۾ لفظن جا اُهي مختلف روپ پَسي سگھبا آهن. سچ ته اِهو آهي ته لوڪ شاعرَ لفظن جا وينجھار آهن، جيڪي لفظن جي موتين کي سوڌي، سوجھي ۽ سموهي عام کي آڇين ٿا، سندن گلقند جهڙا گفتا هر عام خاص کي پسند اچن ٿا، ان ڪري سگھڙن ۽ سپورنجن کي جيڪڏهن ٻوليءَ جا محافظ سڏجي ته غلط نه ٿيندو.

سنڌ جا سگھڙ ادب، اخلاق، تهذيب، ثقافت، ۽ رسم و رواج جا پاسدار آهن. اُهي سنڌ جي واهڻن جي فطري سونهن جي عملي تصوير آهن، اهڙي سونهن جيڪا شهرن جي پوليوشن کان پاڪ آهي. هنن جو لباس ۽ لهجو بنهه پنهنجو ۽ نج آهي، جيتوڻيڪ اڄوڪي دور ۾ کوڙ سگھڙَ شهري زندگي کي اختيار ڪري چُڪا آهن پر سندن روحن کي واهڻن جون وليون ويڙهيل آهن، سندن شبدن ۾ شبنم واري تازگي ۽ سندن اکر اکر ۾ ڄانڀي، پَلي ۽ ساڳ جي سڳنڌ اڄ به تازي آهي. هو سادا ته آهن پر خلوص ۽ سچائي سندن سڀاءَ مان پئي بَکندي.


تبديلي ۽ تغير زندگيءَ جي سونهن آهي، جيئن سڄي دنيا ۾ الڳ الڳ شعبن ۾ جدت ۽ نواڻ نظر ايندي رهي ٿي تيئن سنڌي لوڪ شاعريءَ ۾ به نوان لاڙا نظر اچن ٿا، پراڻين لوڪ صنفن ۾ تجربن سان گڏ نيون صنفون به ايجاد ٿيون آهن، ان ڪري اڄوڪي دور جي لوڪ ادب کي موجوده دور جي تناظر ۾ ڏسي ۽ پرکي سگھجي ٿو. ان سڄي پس منظر ۾ موجوده دور جي لوڪ شاعري جو جائزو هڪ دلچسپ مطالعو ٿي سگھي ٿو، پر في الحال مونکي هن ڪتاب ”عجب رنگَ ايوب جا“ جي ليکڪ محمد ايوب واهوچي جي محنت تي پنهنجا ويچار پيش ڪرڻا آهن ۽ سچ ته سندس پورهيي جي پروڙ مان به اسان کي موجوده دور جي لوڪ شاعريءَ جي روايت ۽ لاڙن جو اندازو ٿي سگھي ٿو..

وقت بيهي نه ٿو..... ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

وقت جو نغمو وقت جو سُڏڪو

وقت بيهي نه ٿو.....

 

سنڌي ٻوليءَ ۾ نظم ۽ خاص طور پابند نظم جي شاعري غزل جي ڀيٽ ۾ گھٽ ٿي نظر اچي. ڪيترائي شاعر آزاد نظم جي نالي ۾ الائي ڇا پيا لکن سچ ته اهو آهي ته اهي نظم جي حقيقي روح کي ڇيهو پيا رسائين. ان صوتحال ۾ هڪ موضوع ۾ گھڻا موضوع کڻي هلندڙ پابند نظم لکڻ ڪو آسان ڪم نه آهي. محمد علي پٺاڻ جو طويل نظم ”وقت بيهي نه ٿو“ ان سلسلي ۾ هڪ سٺي ڪوشش آهي، جنهن کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھجي.

جيئن آئون چئي آيس ته هي هڪ اهڙو نظم آهي، جنهن جو بنياد آهي وقت. پر ان وقت جي طوفان ۾ هي نظم پاڻ سان ڪيترائي موضوع کڻي هڪ واچوڙي وانگر ڦرندي نظر اچي ٿو. اهو نظم رڳو وقت جو آواز ناهي پر ان ۾ زندگي ۽ زندگي جي تلخين ۽ خوشين جا کوڙ معاملا موجود آهن. هن نظم ۾ شاعر جون محروميون، محبتون، ندامتون، خواهشون ۽ خواب سمايل آهن. هي نظم وقت جو گھڻ تارو ساز آهي، جنهن کي محمد علي پٺاڻ پنهنجي ڪتابَ ۾ سمايو آهي.

مان پنهنجي ادبي زندگيءَ ۾ وقت جي موضوع تي پهريون نظم پنهنجي بابا (ڊاڪٽر بشير احمد شاد) جو لکيل سندس زباني ٻڌو هو. اها 1983ع جي ڳالهه آهي. بابا هڪ مشاعري ۾ اهو نظم پنهنجي مخصوص انداز ۾ پڙهيو هو، اهو نظم اڄ تائين بابا جي سڃاڻپ بڻيل آهي:

وقت پيو ٻهروپي وانگر رنگ و روپ مَٽائي سائين

وقت وئي کي آهه ڀلا ڪنهن آندو ماڳ ورائي سائين......

ويل وقت کي واقعي ڪو به ورائي نه ٿو سگھي، پر ها! گذريل وقت کي ياد ڪري سگھجي ٿو....... گذريل وقت جون اذيتون، عذاب، ڌوڪا، خوشيون، خوبصورتيون، تجربا سڀ ڪجھ ياد ڪري سگھجي ٿو ۽ هڪ شاعر جڏهن گذيل گھڙين کي ياد ڪري ٿو ته سندس نظم رڳو يادگيرن جو ڪتاب يا روزنامچو نه ٿو لڳي پر ان ۾ شاعراڻو آرٽ به هجي ٿو. محمد علي پٺاڻ بيشڪ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ پختو شاعر آهي، جنهن تي ڏات جي ديوي هميشه مهربان رهي آهي. هن وٽ شاعراڻو آرٽ ۽ ادراڪ موجود آهي، هُن عمر جا چار ڏهاڪا تخليقي سفر ۾ گذاريا آهن. اهو يقيناً زندگيءَ جي سڦلتا جو سفر آهي.

محمد علي پٺاڻ سنڌي ادب جو هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن جو قلم ڪڏهن ٿڪو ناهي. هن مسلسل لکيو آهي. هونءَ به جنهن شاعر وٽ احساس جي دوات اکٽ هوندي آهي، اهو ڪڏهن قلم جي نبُ کي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندو آهي. انگريزيءَ ۾ ڪن ماڻهن لاءِ چوندا آهن Jack of all master of none محمد علي کي مان بلڪل ائين ئي ڏٺو آهي. هن جي اندر ۾ هڪ تلاش آهي، تڙپ، جستجو ۽ بيچيني آهي. هو سڄي عمر پاڻ کي اظهارڻ جا الڳ الڳ ٽول (جن کي اسان ادبي صنفون چئي سگھون ٿا.) استعمال ڪندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن جي پهرين ۽ پُختي سڃاڻپ هڪ شاعر واري ئي آهي پر ان کان علاوه هن ڪالم، ڪهاڻيون، مضمون، ترجما، سفرناما، ڊراما، ناول ۽ ٻيو به گھڻو ڪجھ پئي لکيو آهي. لکڻ جي اهڙي مشق ٿورا ليکڪ ڪندا آهن....... خير، اسان اچون ٿا محمد علي پٺاڻ جي طويل نظم تي مشتمل ڪتاب ”وقت بيهي نه ٿو“ تي.

ڪتاب جو عنوان پڙهڻ سان منهنجي ذهن ۾ ڪيئي نڪتا، ڪيئي سوال ۽ ڳالهيون ڦيراٽيون ڏيڻ لڳيون. اهو سچ آهي ته وقت بيهي نه ٿو...... اهو هلندو ئي رهي ٿو...... ڇا اهو عنوان ڏئي شاعر وقتَ جي بيهي رهڻ جي تمنا ڪري ٿو؟ يا وري تخليقڪار ان عنوان وسيلي اهو ٻڌائڻ چاهي ٿو ته وقت ڪڏهن به نه بيهندو ان ڪري جيڪو ڪرڻو اٿوَ سو ڪري وٺو...... نظم پڙهڻ سان پڪ پوي ٿي ته ان عنوان مان شاعر جي مراد ڇا آهي.

 

وقت بيهي نه ٿو ـــ وقت بيهي نه ٿو

وسَ ڪيڏا به ڪيان، ڪجهه نٿو ٿي سگهي،
پيرَ پٺتي مُڙِي، شهر موهين اندر،
ٿـــي نـــه داخـــل سگهــن، ڇـــــوته وڌندي اڳيان.

وقت بيهي نه ٿو ـــ وقت بيهي نه ٿو (ص 85)

 

Wednesday, 12 May 2021

خيرپور جو هڪ آدرشي ڪردار قربان منگي -- ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

خيرپور جو هڪ آدرشي ڪردار

قربان منگي

 

هونءَ ته سنڌ جا سارا شهر سون آهن ۽ هر شهر جي پنهنجي پنهنجي سڳنڌ ۽ سڃاڻپ آهي پر علمي ادبي ۽ سماجي ڪار وهنوار جي حوالي سان خيرپور سنڌ جو هڪ اهم شهر آهي. منهنجو هن شهر سان گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان تعلق رهيو آهي. هن شهر ۾ علم ۽ ادب جي اڃ اجھائڻ لاءِ ڪيئي آستان آهن. مادر علمي هن شهر ۾، ريڊيو هن شهر، سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ علمي ادبي تنظيمون هن شهر ۾. مير علي نواز ناز جهڙي عاشق ۽ شاعر جو هي شهر، آهي ئي رومينٽڪ ماڻهن ڪوين ۽ ڪٿاڪارن جو شهر. هي تنوير عباسي، اميد خيرپوري ۽ منير سولنگي جو شهر آهي، جتي منهنجا ڪيئي ذاتي دوست به آهن، جن جو تعلق به ساهت جي سنسار سان آهي. ضمير لاشاري، امر اقبال، قربان منگي، مظهر ابڙو، سعيد منگي ۽ مختيار ملڪ منهنجن اهڙن ئي پيارن دوستن ۾ شامل آهن. 1995 ڌاري خيرپور جي سچل آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل سچل ڪانفرنس، خيرپور ۾ اهڙو پهريون ادبي پروگرام هيو، جنهن ۾ مان شريڪ ٿيو هيس. انهن ڏينهن ۾ سچل يادگار ڪاميٽي جو روح روان ڊاڪٽر تنوير عباسي هيو ۽ ساڻس ٻانهن ٻيلي هوندا هيا ادل سومرو، اياز گل، محمد علي حداد، استاد خادم عباسي، مختيار ملڪ، لعل بخش منگي، مولا بخش لاڙڪ ۽ قربان منگي. سچل جي نانءَ تي ٿيندڙ ان ادبي ميڙ ۾ جڏهن هر سال شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو ته مان انهن سڀني شخصيتن مان قربان منگي کي هميشه عملي جدوجهد ڪندي ڏسندو هيس. پياري قربان جي شخصيت ۽ ڪارڪردگي خاص طور ٻارڻي ادب ۽ تنظيم سازي واري ڪم کان مان اڳ ئي واقف هيس پر جلد ئي ساڻس ويجھڙائي ٿيڻ سبب پوپٽ جهڙو ڪومل من رکندڙ هن پياري انسان جا ٻيا به ڪيئي گڻ منهنجي مٿان ظاهر ٿيندا رهيا ۽ ملاقاتون محبتن ۾ تبديل ٿينديون رهيون. 1999 ڌاري مونکي پهريون ڀيرو سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ ستت ئي پوپٽ پبلشنگ هائوس..

قربان منگي جي شخصيت ۽ سڃاڻپ جا چار پاسا آهن. سوشل ورڪر، منتظم، ليکڪ ۽ پبلشر. سڃاڻپ جي انهن چئني حوالن سان هن واهه جو نڀايو آهي. قربان منگي انهن ڏينهن ۾ اين. جي. او ڪلچر جو حصو ٿيو جن ڏينهن ۾ خدمت کي عبادت سمجھيو ويندو هيو ۽ پئسي ۽ مفادن جي جنگ اڃا شروع نه ٿي هئي. قربان جيئن ته هڪ سوشل ورڪر آهي تنهن ڪري ڪم ئي هن جي سڃاڻپ آهي. هو سدا متحرڪ رهيو آهي. رڳو سندس پروفائيل ۾ ئي جھاتي پائي ڏسبو ته سندس خدمتن جي عيوض کيس جيترا به ايوارڊ مليا آهن انهن مان گھڻائي سندس سماجي خدمتن جي مڃتا طور مليل ايوارڊن جي آهي. اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا اتي بد قسمتي سان هڪ سچو ورڪر ختم ٿي رهيو آهي ۽ هر ڪو پاڻ کي ليڊر ٿو سمجھي. ليڊر جون ترجيحات پنهنجيون هونديون آهن جڏهن ته ورڪر هر وقت ڪم لاءِ تيار هوندو آهي. ڪم ئي سٺا نتيجا ڏئي ٿو ۽ ڪم ئي منزل تي رسائي ٿو. قربان منگي ان جو ظاهر ظهور مثال آهي. مان هن کي ڪڏهن به ٿڪل ٽٽل ۽ مايوس نه ڏٺو آهي. هو سدائين ووڙيندو رهي ٿو ڏوريندو رهي ٿو. هو ڄڻ ڀٽائي جو ڪو کاهوڙي ڪردار آهي.

کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهين

اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو

استاد پيرل قنبر جي شاعريءَ جي ڪَٿَ ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


 

دوا کي زهر، زهر کي دوا چئي نه وجھان.

استاد پيرل قنبر جي شاعريءَ جي ڪَٿَ

 


مون جڏهن شاعريءَ سان ناتو جوڙيو هو، تڏهن لاڙڪاڻي تي مشاعرن جي موسم لٿل هئي. تقريباً هر هفتي ڪنهن نه ڪنهن ادبي تنظيم طرفان مشاعرو ٿيندو هيو. انهن مشاعرن ۾ طرحي مشاعرا پڻ هوندا هيا. مونکي طرح تي لکڻ ڏاڍو ڏُکيو لڳندو هيو. مونکي هميشه شاعريءَ ۾ پابندي جو خيال ته رهيو پر شاعري ڪرڻ لاءِ پابندي مونکي ڏاڍي اوکي لڳندي هئي. پر اهو دور اهڙو هيو جو ’طرح‘ تي نه لکڻ، شاعري نه ڪري سگھڻ جهڙي الزام وانگر هوندو هيو. ’قادرالڪلام‘، ’ڪهنه مشق‘، ’همه تن گوش‘، ’مردم خيز‘ ۽ ’ملڪو‘ جهڙا لفظ مون پهريون ڀيرو انهن ئي مشاعرن ۾ ٻُڌا هئا. اها 1988ع جي ڳالهه آهي. مان اڃا شاعريءَ جا ابتدائي سبق سِکي رهيو هيس. اهي سبق سِکندي سِکندي اهڙا سبقَ به مليا جو هڪ لڱا شاعري ڪرڻ تان ئي ارواح کَڄي ويو هيو. هڪڙا جھونڙا استاد شاعر ته وزن بحر واري تور تڪ جا ايڏا وڏا ڪاريگر هيا جو ڪوئي شاعر مشاعري ۾ شعر پڙهندو هيو ته اُهي اشهد آڱر کي هڪ خاص لئي ۾ کاٻي ساڄي پيا ڦيرائيندا هيا. ٻيا همراهه وري ڪنهن نئين ۽ سيکڙاٽ شاعر جي عمده خيال کي ان خيال سان ڏسندا هيا ته اهو خيال ان سيکڙاٽ شاعر جو ٿي ئي نه ٿو سگھي. وري جيڪڏهن اهڙي ڪنهن نئين شاعر جو ڪو رشتيدار به شاعر هوندو هو ته کين پَڪ ٿي ويندي هُئي ته اهو شعر سندس انهيءَ رشتيدار جو لکيل آهي. ابتدائي ڏينهن ۾ جواد جعفري ۽ مون اهي عذاب سَٺا. ڳچ سالن بعد رضا بخاري ۽ رضوان گل به اهڙن مظلوم نوجوان شاعرن طور ان سٿ ۾ اچي شامل ٿيا. ڪجھ شاعر دوست ته هٿ ڌوئي اسان جي ڪڍ پيا پر اسان چارئي نٺر نڪري پيا سي ۽ پوءِ به شاعريءَ تان هٿ نه کنئيون.

انهن ئي ڏينهن ۾ مان پنهنجي ارد گرد ڪجھ اهڙن سينئر شاعرن کي به ڏٺو، جن منهنجي ڪچن ڦڪن شعرن مان به حسن پئي تلاش ڪيو. حقيقت ۾ سندن اتساهه مون ۾ ادب جي رند تي پنڌ ڪرڻ لاءِ ساهس پيدا ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن انهن مشاعرن ۾ مقامي شاعرن کان علاوه ٻين شهرن جا شاعر به اچي شامل ٿيندا هيا. انهن شاعرن ۾ استاد بخاري، اميد خيرپوري، نشتر ناٿن شاهي، اسحاق راهي، محسن ڪڪڙائي، ناظم منگي، نثار بزمي، گل حسن گوپانگ، احمد خان مدهوش، علي نواز رڪڻائي، محسن ڪڪڙائي، قطب الدين تاب، نظير جروار وغيره اهم هيا. انهن ئي محفلن ۾ مان اڪثر استاد پيرل قنبر جو گھڻو ذڪر ٻڌندو هيس. ڪو چوي ته ”استاد پيرل جي ڇا ڳالهه ڪجي....!“ ڪو آکي ”سائين، استاد پيرل، اصل چئي چُپ ڪر.!!“ چڱا ڀلا استاد شاعر به چون ته ”استاد پيرل کي غزل تي ڪمال جو ملڪو حاصل آهي.“ مان چُپ چاپ ويٺو ٻڌندو هيس. انهن ئي مشاعرن ۾ لاڙڪاڻي جا جھونڙا خادم حسين مرکنڊ (مرحوم) ۽ محمد ابراهيم جمالي (مرحوم) اڪثر استاد پيرل قنبر جا غزل پنهنجي سريلي آواز ۾ پيا ٻُڌائيندا هيا.

مونکي انهن مان هڪ غزل اڃا به ياد آهي جيڪو محمد ابراهيم جمالي پنهنجي منفرد انداز ۽ گونجندڙ آواز ۾ ٻڌائيندو رهندو هيو، جنهن جو مطلع هن طرح هيو:

يا ته تيرِ نظر ڏي نظر ۾ ڍڪي يا ته پردي ڍڪڻ جو تون انجام ڪر.

ڪيئي محفل ۾ عاشق مري ٿا مرن، بند بحرِ خدا تون قتل عام ڪر.

ناميارو اديب، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ پروفيسر مختيار سمون ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

اسان جو هر عمل پرين کليل ڪوئي ڪتاب آ

ناميارو اديب، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ

پروفيسر مختيار سمون

هندوستان جي مشهور بادشاهه چندر گپت موريا جي مشير چانڪيا وٽ هڪ ڀيري هڪ ماڻهو آيو ۽ هن کيس چيو ته ”مان هاڻي هاڻي توهان جي بيحد پياري دوست جي باري ۾ هڪ ڳالهه ٻڌي آهي، جيڪا مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو.“ چانڪيا چيس ته ”مان تنهنجي ڳالهه ٻڌڻ کان پهريان توکان ٽي سوال ڪرڻ گھران ٿو. جيڪڏهن انهن جو جواب ”ها“ ۾ هوندو ته مان تنهنجي ڳالهه ضرور ٻڌندس.“ ان ماڻهوءَ چيو ”ضرور پڇو.“ چانڪيا چيس ته ”تون مونکي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿو، ڇا توکي يقين آهي ته اها سچ آهي؟“


ان ماڻهوءَ چيس ”نه مونکي يقين ناهي ڇوته مون اها ڳالهه ڪنهن ٻي شخص کان ٻڌي آهي“. چانڪيا ٻيو سوال ڪيس ته ”ڇا تون مونکي منهنجي دوست جي باري ۾ ڪا سٺي ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿو؟“ ان همراهه چيو ”نه اها سٺي ڳالهه ناهي.“ چانڪيا چيس ته ”منهنجو ٽيون سوال اهو آهي ته تون مونکي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿو، ڇا مونکي ان جو ڪو فائدو ٿيندو؟“ همراهه انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيس ”توهان کي ڪوئي فائدو نه ٿيندو.“ چانڪيا پنهنجي چپن تي مرڪ وکيريندي کيس چيو ته ”تون مونکي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿو سا سچائيءَ تي مبني ناهي، اها ڪا سٺي ڳالهه به ناهي ۽ نه ئي وري فائدي واري. تنهن ڪري اها ڳالهه ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جو نه ته توکي ڪو فائدو آهي ئي نه ئي وري مونکي.“ مان مختيار سمون کي پنهنجن اهڙن دوستن ۾ شمار ڪريان ٿو، جنهن جي باري ۾ به جيڪڏهن مونکي ڪوئي ڪجھ ٻڌائڻ چاهيندو ته ان کان اڳ مان به چانڪيا وانگر کانئس اهي ٽي سوال ضرور ڪندس.

دنيا ۾ عزت انهن ماڻهن کي ملندي آهي، جيڪي، سچا، کرا، محنتي، ايماندار ۽ وجنري هوندا آهن ۽ انهن ماڻهن کي به عزت ملندي آهي جيڪي انسانن جي بهبود ۽ ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙيندا آهن ۽ قوم جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. سماج ۾ هاڪاري ڪردار هجڻ ڪري انهن کي سوسائٽيءَ جو ڪارگر فرد ڪري ليکيو ويندو آهي. اسان جي سماج ۾ اڃا ڪارگر ماڻهن جي ڪمي نه آهي. اياز چواڻي:

اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي،

متان ائين سمجھين مئا مور سارا.

اسان جو معاشرو بيشڪ تيزيءَ سان پنهنجي اعلى قدرن جي ڀيل ڪندي زوال ڏانهن وڃي رهيو آهي، پر اسان جي ئي اردگرد ڪجھ انسان اهڙا به آهن جيڪي سوسائٽيءَ لاءِ اتساهه جو باعث بڻجن ٿا. هو اڪيلي سر هڪ اداري وارو ڪم ڪن ٿا ۽ ڪڏهن سندن مکُ مان ٿڪاوٽ جو احساس نه ٿيندو آهي. مختيار سمون به معاشري جو هڪ اهڙو ئي ڪارگر فرد ۽ اتساهيندڙ ڪردار آهي، جنهن پنهنجي حياتيءَ جي هر پل کي قيمتي ڄاڻيدي ان مان فائدو ورتو آهي. تنهن ڪري سماجي ابتري واري هن دور ۾ مختيار سمون هڪ مثالي شخصيت آهي. هو هڪ گھڻ رخو ۽ گھڻ ڳڻيو انسان آهي. هن سان منهنجو محبت ۽ پنهنجائپ وارو تعلق لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن کان آهي. هو پنهنجي سيني ۾ هڪ اهڙي دل رکي ٿو، جيڪا سماج ۾ ٿيندڙ هر ڏاڍائيءَ تي ڏکي پوي ٿي. هن جي شاعريءَ جو وڏو حصو انهيءَ ڏک جو منظوم اظهار آهي.

مختيار سمون هڪ اديب، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ جي روپ ۾ سماج لاءِ هڪ آئيڊيل ڪردار آهي. سچ ته اهو آهي ته هو هڪ نسل لاءِ اتساهه جو باعث آهي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا بنهه ٿورا ماڻهو ڏٺا آهن، جيڪي ڪم کي ئي زندگي سمجھندا آهن. هنن جي شخصيت جو وڏي ۾ وڏو حوالو ئي تعميري مصروفيت هوندو آهي. مختيار هڪ اهڙو ئي ماڻهو آهي. هو بنيادي طور لوئر مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ هڪ اهڙو انسان آهي جنهن محنت ۽ جدوجهد کي ئي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻايو پر هن حياتيءَ ۾ جيڪو ڪجھ ڀوڳيو آهي ۽ زندگيءَ جي سفر ۾ جيترو جھاڳيو آهي ان جي نتيجي ۾ کيس کوڙ سڦلتا به ملي آهي. ناصر علي سرهندي جو فارسي شعر آهي ته:

اہلِ ہمّت را  نبا شد تکیہ بر بازوئے کس

خیمۂ افلاک بے چوب و طناب استادہ است

(همت وارا ماڻهو ڪنهن ٻئي جي ٻانهن جي ٻل تي نه ڀاڙيندا آهن. (ڏسو ته) آسمانن جا خيما ڪنهن به ڪاٺيءَ ۽ رسيءَ کان سواءِ ئي ڪيئن بيٺا آهن.)

منظور ٿهيم جي ناول ”گذري وئي برسات“ جي ڇنڊ ڇاڻ ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ihsan Danish)

 (تنقيدي اڀياس)

 

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

منظور ٿهيم جي ناول ”گذري وئي برسات“ جي ڇنڊ ڇاڻ

 

ناول زندگيءَ جو عڪس ۽ اولڙو آهي. هڪ اعلى درجي جو تخليقڪار پنهنجي تخليقي جوهر سان ناول کي هڪ اهڙي گھري ۽ گھڻ جهتي تخليق بڻائي ٿو جنهن وسيلي زندگيءَ جي ننڍي کان ننڍي چُر پُر کي آسانيءَ سان محسوس ڪري سگھجي ٿو. هڪ پختو ناول نگار زندگيءَ جي هر لمحي جي حسن ۽ ڪرب کي حسين نموني لفظن ۾ پينٽ ڪندو آهي. ناول جا ڪردار زندگيءَ جي سچاين کي کوليندا آهن. ناول هڪ ڪٿا آهي، جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ هڪ خاص هنر گھرجي ٿو.

سنڌي ناول ۾ هن وقت تائين ايڏا فني، هئيتي ۽ موضوعي تجربا نه ٿيا آهن، جيترا يورپ ۾. يورپ ناول جي جنم ڀومي آهي ۽ اُتي هزارين ناول لکجي ڇپجي ۽ پڙهجي چُڪا آهن، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت تائين لکيل ناولن جو انگ ڪو ايڏو گھڻو ناهي، پر خوشي آهي جو گذريل ڪجھ سالن کان خاص طور 2012 کان پوءِ ان کوٽ جو خاتمو ايندي نظر اچي ٿو. هن وقت تائين جيڪي ناول لکيا ويا آهن انهن ۾ وري رومانوي ناولن جي سرسي آهي..... ان مان به ڪيترن ئي ناولن ۾ موضوعن جو ورجاءُ محسوس ٿيندو. ڪجھ تاريخي ۽ انقلابي ناول به سنڌي ٻوليءَ جي جھوليءَ ۾ موجود آهن، پر مجموعي طور دنيا ۾ ڇپجندڙ ناول ۾ جيڪا موضوعن جي ويرائٽي آهي اها سنڌي ناول ۾ بنهه گھٽ پئي نظر اچي. اهڙي صورتحال ۾ ڪامريڊ منظور ٿهيم جو هي ناول گذري وئي برسات“ سنڌي ادب لاءِ هڪ سٺو سنوڻ آهي. هي هڪ فڪري، نظرياتي ۽ فلسفي تي آڌاريل ناول آهي، جيڪو سنڌي ناول نگاري جي دنيا ۾ هڪ گھٽ لکيل موضوع آهي. هن ناول جو ڪئنواس به پنهنجو آهي ته ناول نگار ان ۾ جيڪي رنگ ڀريا آهن اهي به روايت کان هٽيل ۽ نرالا آهن. جيتوڻيڪ کاٻي ڌر جي سياست ڪنهن ناول لاءِ هڪ خشڪ موضوع آهي، خاص طور ان صورت ۾ جڏهن ان ۾ وڏا وڏا بحث ٿيل هجن..... تنهن جي باوجود منظور هن ناول کي مختلف موڙ ڏئي ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

جيڪڏهن ”گذري وئي برسات“ جو مڪمل نقشو ڪڍجي ته اهو ڪجھ هن ريت ٿيندو. هن ناول جو موضوع کاٻي ڌر جي سياست، ان لاءِ جدوجهد توڙي ڪاميابين ۽ ناڪامين تي مشتمل آهي. هن ناول ۾ ليفٽ جي سياسي ۽ نظرياتي جدوجهد جو اولڙو پسي سگھجي ٿو. هي ناول انيڪ سياسي ۽ سماجي موضوعن جو ڀنڊار آهي.... هن ۾ سنڌ جي اهم اشوز تي ڀرپور نموني ڳالهايو ويو آهي. ناول جو ڳچ حصو تاريخ، فلسفي ۽ منطق جي موضوعن کي پنهنجي پهلو ۾ جاءِ ڏئي ٿو. هن ناول جا چار هيرو آهن. 1. سنگھار 2. تيرٿ 3. فيروز 4. شهه مريد ...... ۽ اهڙي ريت ٻيا به ڪيئي ڪردار آهن، جيڪي ناول کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ مدد ڪن ٿا. انهن چئني ڪردارن جي سياسي جدوجهد، ڪامريڊ نذير جي آزاديءَ لاءِ ڪوششون وٺڻ ۽ ان سموري سفر جا نشيب و فراز ناول ۾ ڪشمڪش جي خوبي پيدا ڪن ٿا. ناول جا چارئي روشن خيال هيرو منصوري راهه جا پانڌيئڙا آهن...... سچ جي راهه جا راهي ۽ تبديليءَ جا نقيب آهن. اهي بي خوف ۽ بهادر جوڌا پنهنجن سِرن جي پرواهه ڪرڻ بنان هر ان تحريڪ جو حصو بڻجي وڃن ٿا جيڪا سماج ۾ مثبت تبديليءَ جو باعث لڳي ٿي. سنڌي سماج ۾ هڪ باشعور ۽ نظرياتي سياسي ڪارڪن ڪيئن ڀوڳي رهيو آهي... هن ناول ۾ ان جا ڪيئي عڪس نظر ايندا. فرقيواريت ۽ مذهبي انتهاپسندي سماج جي شڪل مَٽائي ڇڏي آهي. رواداري، روشن خيالي ۽ انسان دوستيءَ جهڙا قدر پامال ٿيڻ سان سماج ۾ جيڪا بيچيني پيدا ٿئي ٿي، ان جا اهڃاڻ هن ناول ۾ نظر ايندا.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”فطرت، سائنس ۽ سماج“ تي هڪ نظر ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ihsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”فطرت، سائنس ۽ سماج“ تي هڪ نظر

 


ڊاڪٽر محبت هڪ گھڻ رخو ليکڪ هيو. هن جي دلچسپيءَ جا خاص موضوع هئا: سياست، سماجيات، فلسفو، لسانيات، سائنس، علم الانسان ۽ ادب. هن جي تحرير جو انداز سمجھاڻيءَ وارو آهي، جنهن ۾ منطق ۽ دليل جي به گھڻائي آهي، جنهن ڪري اهي لکڻيون پڙهندي جلدي سمجھ ۾ اچي وڃن ٿيون ۽  منجھن قاري جي دلچسپي به رهي ٿي. هن ڪيترن ئي خشڪ ۽ ڳوڙهن موضوعن تي به قلم کنيون آهي پر سندس تحرير جي سلوڻائي سبب اهي ڳورا موضوع به پڙهڻ ۾ آسان محسوس ٿين ٿا.

جيڪي ماڻهو ڊاڪٽر محبت سان نه ملي سگھيا اُهي ڊاڪٽر جي ذهانت جو اندازو ٻن طريقن سان لڳائي سگھن ٿا. پهريون: ڊاڪٽر جي ذهين شاگردن ۽ دوستن کي ڏسندي ۽ ٻيو: ڊاڪٽر جي ڪيل پورهيي کي ڏسندي. ڊاڪٽر محبت جا ذهين شاگرد ۽ دوست جامي چانڊيو، ڊاڪٽرايوب شيخ، ڊاڪٽر بخت جمال، ڊاڪٽر ذولفقار راهوجو، ستار هڪڙو، ڀائو در محمد ٻرڙو، ڊاڪٽر نظير شيخ، صحبت ٻرڙو، رياضت ٻرڙو وغيره به اسان جي سامهون آهن ته سندس تخليقي، تحقيقي ۽ ترجمي وارو پورهيو پڻ اسان جي اڳيان آهي. ان قلمي پورهيي کي پڌرو ڪرڻ جو ڪريڊٽ وري محبت اڪيڊمي قمبر جي ساٿين ڏانهن وڃي ٿو.

ڊاڪٽر  محبت جي تحريرن مان سندس مطالعي ۽ مشاهدي جو اندازو ٿئي ٿو. هن فلسفي ۽ لسانيات جهڙن ڏکين موضوعن جي سمجھاڻي به سولي ۽ سهنجي انداز ۾ پيش ڪئي آهي. هن جي لکڻين ۾ هڪ ترتيب  ۽ توازن آهي. اهڙو ئي توازن ۽ سلاست سندس گفتگو ۾ به هُئي جيڪا سندس آڊيو ليڪچرن منجھان پڌري آهي. ڊاڪٽر محبت اڻ ٿڪ محنت ۾ ايمان رکڻ وارو انسان هيو. هو ڪنهن به موٽ جي پرواهه ڪرڻ بنان رڳو لکندو ئي رهيو. لکندي لکندي هن سوين عنوانن کي پنهنجي قلم جي نوڪ تي آندو.

مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي کان علاوه لکڻ لاءِ ٻه ٻيون شيون به گھرجن 1. مضبوط ارادو ۽ 2. نيڪ جذبو. ڊاڪٽر محبت جي تحريرن ۾ اهي پنج ئي عنصر موجود آهن ۽ انهن پنجن عنصرن جي ٻَل تي هن جون تحريرون فڪر انگيز ۽ لاڀائتيون محسوس ٿين ٿيون.

مان ڏٺو آهي ته جن ماڻهن کي حياتي گھٽ وقت ڏيندي آهي اُهي گھڻو ڪم ڪري ويندا آهن. ڊاڪٽر محبت پنهنجي عمر جي رڳو پڇاڙڪن سَتن سالن ۾ جيترو ڪم ڪيو، ايترو اڪثر ماڻهو ستر سالن ۾ به نه ڪري سگھندا آهن. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هڪ اهڙو هيرو هيو جنهن جي چمڪ اڃا دنيا جي نظر تائين پهتي ئي مَس هئي جو کيس ڪنهن بدنظر جي نظر لڳي وئي ۽ هُو هميشه هميشه لاءِ اسان جي نظرن کان اوجھل ٿي ويو. افسوس ان ڳالهه جو آهي، ته هُو ان وقت اسان سڀني کان جدا ٿي ويو جڏهن اسان سڀني کي هن جي ضرورت هئي.

 

جڏهن هڪُ موت عالِمَ جو، سڄي عالَم جي لئه آهي،

تڏهن آ درد، هر همدرد جي دل ۾ جڳهه جوڙي.

مرڻ جن کي کپي، سي موت کان لڪندا رهيا آهن،

جيئڻ وارا الائي ڇو، وڃن ٿا موت ڏي ڊوڙِي!

(اميد خيرپوري)

وفا اسلم جي ڪهاڻي ڪتاب ”جيون تنهنجي نانءِ“ تي لکيل مهاڳ ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

 

مهاڳ  

پيار جيون لاءِ اتساھ

(وفا اسلم جي ڪهاڻي ڪتاب ”جيون تنهنجي نانءِ“ تي لکيل مهاڳ)

ادب جي مختف شعبن مان ڪهاڻي هڪ منفرد صنف سخن آهي. جنهن ۾ هڪ ليکڪ سماجي حقيقتن کان وٺي پنهنجي اندر جي دنيا جا انيڪ رنگ ۽ روپ نروار ڪندو آهي. هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار حقيقت ۾ اهو نبض شناس هوندو آهي جيڪو سماج جي بگڙجندڙ روپن توڙي حالتن کي نه صرف سمجهندو آهي پر هن وٽ انهن جو حل به هوندو آهي. پنهنجي دوربين نگاھ سان اهو ڪجھ به ڏسي وٺندو آهي جنهن کي عام طور نظر انداز ڪيو ويندو آهي. هڪ ڪهاڻيڪار روين جي جنگ کان وٺي رشتن جي ڪچي تند ۾ ٻڌل نازڪ احساسن تائين زنگيءَ جي سموري چرپر کي دل جي دفتر ۾ محفوظ ڪندو آهي.

جديد سنڌي ڪهاڻي جمال ابڙي کان وٺي موجودھ دور تائين جيڪو سفر طئي ڪيو آهي. ان دوران ڪهاڻيءَ جي ان قافلي ۾ ڪيئي پانڌيئرا شامل ٿيا آهن انهن مان ڪن ته سفر جي سختي ڏسي ستت ئي پير پٺتي ڪيا ۽ ڪي وري وڏيون وڏيون وکون کڻي قافلي جي سرواڻن جي صف ۾ اچي بيٺا. سنڌي ڪهاڻي جو اهو قافلو روان دوان آهي

. ان قافلي ۾ اڄ به ڪي مسافر ٿڪل آهن ته ڪي وري چستيءَ سان قدم وڌائي دنيا جي ساهتي ڪاروان سان ملي پنهنجي هستيءَ جو احساس ڏيارڻ لاءِ آتا آهن. سنڌي ڪهاڻيءَ جي ان ڊگهي قافلي ۾ نوجوان ڪهاڻيڪار وفا اسلم به ابتدائي وکون کڻي شامل ٿيو آهي. اڃان هن سفر جو آغاز ڪيو آهي. هن جي منزل اڃان ڪو ڌنڌلو خواب آهي جنهن جي ساڀيان تڏهن ٿيندي جڏهن هو مستقل مزاج فنڪار وانگر پنهنجي مشق جاري رکندو.

ڇھ سال کن اڳ جڏهن وفا اسلم پهريون ڀيرو سچل ادبي مرڪز تي ملڻ آيو هو ۽ ساڻس تعارف ٿيو ته منهنجي ڪن تي جونءَ ئي نه چري هئي ڇو ته ان کان اڳ مون سندس نالو نه ٻڌو هو پر جڏهن هن ٻڌايو ته سندس ڪجھ ڪهاڻيون سنڌي ڊائجسٽن ۾ شايع ٿيون آهن ته اهو اشتياق وڌيو ته کائنس ڪائي ڪهاڻي ٻڌجي. اهي سياري جا ڏينهن هيا. ستت ئي مرڪز جي آفيس ۾ دستوري گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ وفا پنهنجي ڪهاڻي ”پيار جو ڀرم“ پيش ڪئي. ڪهاڻي ڪافي طويل هئي ۽ داستان واري انداز ۾ لکيل هئي. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي اها هڪ رومانوي ڪهاڻي هئي. ان کان پوءِ وفا هڪ ٻي پٺيان مسلسل ڪهاڻيون ٻڌائيندو رهيو تان جو گرمين جي هڪ ڏينهن ناوليٽ کڻي اچي پهتو.

هي وفا اسلم جو پهريون ڪهاڻين جو ڳٽڪو آهي. مون کي پتو ناهي ته وفا هن وقت تائين ڪل ڪيتريون ڪهاڻيون لکيون آهن پر هن مجموعي ۾ 5 ڪهاڻيون ۽ هڪ ناوليٽ چاهت جي مسافت“ شامل آهن. ڪنهن به ليکڪ لاءِ پهريون ڪتاب پهرين پيار وانگر هوندو آهي. وفا جي هن ڪتاب جي خوبي اها آهي ته هن ۾ موجود سمورين ڪهاڻين توڙي ناوليٽ جو موضوع ”پيار“ آهي ان ڪري پيار ڪرڻ وارا سندس هن پهرين ڪتاب کي پيار جي تحفي طور ضرور قبول ڪندا.

مون وفا اسلم جون هن وقت تائين جيڪي به ڪهاڻيون ٻڌيون يا پڙهيون آهن انهن مان اڪثر ”محبت“ واري موضوع تي لکيل آهن. هونءَ به سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ جنهن موضوع تي لکيو ويو آهي اهو ”محبت“ آهي. هونءَ به محبت هڪ اهڙو آفاقي احساس آهي جنهن کي ڪو حساس دل ئي سمجهي سگهي ٿو. وفا جي ڪهاڻين ۾ اهو رومانوي رنگ شايد ان ڪري به آهي جو هو خود پنهنجي سيني ۾ هڪ محبت ڪرڻ واري دل رکي ٿو ۽ چاهي ٿو ته هر طرف پيار جو چوٻول هجي. وفا اميد ۽ نا اميد جي ٻه واٽي تي بيٺل ڪيترن ئي ڪردارن کي پنهنجي اردگرد ڏسي ٿو ۽ انهن سمورن احساسن کي پنهنجي دل جي قريب محسوس ڪري ٿو جيڪي محبت جي معراج تي پهچڻ توڙي ناڪامي ۽ دل جي ٽٽڻ کان پوءِ جنم وٺندا آهن.

ممتاز لوهار ـــ لفظن جو مصور ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


ممتاز لوهار ــــــــ لفظن جو مصور

 


اندر جون موسمون به عجيب ٿين ٿيون، ڪڏهن من جي دنيا بهار جي مستين جهڙي ٿي وڃي ٿي ته ڪڏهن سرءُ جيان اداس...... ۽ جڏهن اداسي ۽ نراسائي اندر ۾ ٽِڪي پوندي آهي ته ماڻهوءَ جومن ملول ٿي ويندو آهي، اکين جون آرسيون ڏار ڏئي وينديون آهن، زندگي فضول ڀاسندي آهي ۽ ماڻهو تڙپي پوندو آهي. اندر جي اهڙي ڪيفيت زندگيءَ جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيندي آهي. اردو جي ڪنهن شاعر خوب چيو هو ته:

تم فقط سن کے چيخ اٹھتے هو

هم نے يوں زندگي گذاري هے

ممتاز لوهار جي من تي به جڏهن اهڙي ڪيفيت ڇانئجي ٿي ته هو شاعري ڪري ٿو، هو پنهنجي هڪ نثري نظم ۾ چوي ٿو:

چيائين: شاعري ڇوٿو ڪرين؟

چيومانس: زندگيءَ جي ڦاٽل وڳي کي

لفظن جون چتيون ٿو هڻان.

ممتاز لوهار رڳو هڪ شاعر ئي نه پر هڪ مصور به آهي، وليم فاڪنر چيو هو ته ”مصور لڪيرن ۾ شاعري ڪندا آهن ۽ شاعر لفظن ۾ مصوري.“ سو ممتاز وٽ اهو فن آهي، تنهن ڪري اسان هن کي هڪ مصور شاعر به چئي سگھون ٿا، ڇوته هن جي شاعريءَ ۾ به مصوري آهي، جذبن ۽ احساسن جي مصوري جنهن کي هن لفظن جي برشن سان پينٽ ڪيو. جيڪڏهن ڪو فنڪار انهن ٻنهي فنن يعني مصوري ۽ شاعري تي قدرت رکندو هجي ته آخر ڪهڙي ڪيفيت ۾ شاعري ڪندو ۽ ڪهڙي حالت ۾ مصوري؟ ان جو هڪ بهتري جواب نيپال جي هڪ شاعر بال ڪرشنا ساما پنهنجي هڪ نظم ۾ هن طرح ڏنو آهي:

جڏهن مان جسماني خاڪي جو خواب چاهيندو آهيان

ته مان شاعري ڪندو آهيان

جڏهن مان خوابن جهڙي جسم جي خواهش ڪندو آهيان

ته مان مصوري ڪندو آهيان

جڏهن مان توکي ٻڌڻ چاهيندو آهيان

ته مان شاعري ڪندو آهيان

جڏهن مان توکي مرڪندو ڏسڻ چاهيندو آهيان

ته مان مصوري ڪندو آهيان