ڊاڪٽر احسان دانش
شاهه لطيف ۽ سندس دور جون سماجي حالتون
شاهه لطيف جي ڪلام جو سماجي ڪارج تيسيتائين سمجھ ۾ نه ايندو، جيسيتائين سندس دور جي سماجي حالتن کي جاچي نه ڏسبو. هن کان اڳ اسين سنڌ جو تاريخي پس منظر بيان ڪندي مغل دور تائين سنڌ جي سياسي، سماجي، مذهبي، اخلاقي ۽ علمي حالتن تي مختصر نموني روشني وجھي آيا آهيون. ان سموري پس منظر کي ڌيان ۾ رکندي اسين جڏهن ڀٽائي جي دور تي نظر وجھندا سين ته سماجي ڀڃ ڊاهه ۽ انتشار، سياسي آپي شاهي، جاگيردارانه دٻدٻي ۽ حمله آورن جي يلغارن سميت مجموعي طور هي دور به اسان کي سنڌ مٿان تاريخي ظلم، تشدد ۽ بي انصافي جو تسلسل نظر ايندو. شاهه سائين سنڌ جي صدين کان بيچين روح جي صدا آهي. هن جي ڪلام ۾ اسان کي سندس دور ۽ سماجي حالتن جا چٽا عڪس نظر اچن ٿا. شاهه لطيف هڪ جهان ديد ۽ ذي شعور شاعر هيو، هن جي نه رڳو پنهنجي دور جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ اقتصادي حالتن تي نظر هئي پر سنڌ جي تاريخي پس منظر کان به واقف هيو. هو سنڌ تي صدين کان هلندڙ ڌارين جي حڪمراني ۽ سماج ۾ برپا ٿيل ظلم ۽ بربريت جي داستانن جو ادراڪ رکي پيو. تنهن ڪري سندس شاعري جي فڪري لاڙن، شاعراڻين ڪيفيتن ۽ سندس دور جي سماجي حالتن کي سندس هم عصر دور جي واقعن ۽ تاريخي پس منظر کان الڳ ڪري ڏسڻ هر گز مناسب نه ٿيندو.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکيو آهي ته ”سنڌ سيد لطيف جي زماني ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح مغل سلطنت جي تسلط هيٺ هُئي. تنهن وقت جا بادشاهه پاڻ کي عوام جو خادم نه پر خدا جو خليفو تصور ڪندا هئا. تنهن زماني جا ’خدائي خليفا‘ به عجيب هئا. اورنگزيب پيءُ جهڙي مقدس رشتي کي لتاڙي تخت تائين پهتو. اورنگزيب کان پوءِ اهڙيون شخصيتون مغل سلطنت جي مقدر ۾ لڳيون، جن جون غلطڪاريون ۽ سفاڪيون اڄ به برصغير جي تاريخ ۾ چُٽن جي صورت ۾ محفوظ آهن...... سنڌ جا خليفا هُئا اهڙن خدائي خليفن جا معتقد ۽ وفادار! هن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڀٽائي گھوٽ جي زماني ۾ عوام ۽ حاڪم جي وچ ۾ زمين آسمان جو فرق هيو.“ (1) عوام جو گھڻو ڪري ڏتڙيل غريب ۽ پورهيت طبقي سان واسطو هيو ۽ وڏيرا ۽ جاگيردار حڪمران طبقي سان ٻِٽُ هيا. شاهه لطيف کي اها طبقاتي ورهاست پسند نه هُئي ڇوته هن رنگ، نسل، مذهب، ذات پات ۽ طبقن تي انسانيت کي فوقيت پئي ڏني. هن جو نظريو هيو ته ڌن دولت، طاقت ۽ اقدار عارضي شيون آهن ۽ ماڻهپو ئي دائمي قدر آهي، جنهن وسيلي سماج مان بيچيني ۽ افراتفري ختم ڪري سگھجي ٿي. ”شاهه لطيف جي باري ۾ پهريون ڳالهيون جيڪي پڙهڻ، سمجھڻ ۽ ذهن نشين ڪرڻ جون آهن اهي هي آهن: هن سڄي حياتي مال و زر کي حقارت جي نگاهه سان ڏٺو، ٻي ڳالهه اها آهي ته هن شان و شوڪت ۽ رعب دٻدٻي کان نفرت ڪئي، ٽيون اهو ته شاهه، گليمر ۽ رومينٽسزم کان هميشه پرهيز ڪئي، نمبر چار: شاهه سائين پنهنجي زندگي ۽ شاعريءَ جو رشتو پنهنجي سرزمين، ان سرزمين تي ڳالهائي ويندڙ زبان ۽ اها زبان ڳالهائيندڙ عام ماڻهن سان هميشه ڳنڍي رکيو.“ (2) ”پنجين ڳالهه اها آهي ته هو شخصي آزادين جي حق ۾ هو (محبت جي آزادي فيوڊل سماج ۾ سڀ کان وڏي آزادي هوندي آهي). ڇهون: شاهه لطيف اهڙي ڪنهن به نظامِ حڪومت جي خلاف هيو جيڪا غربت کي جنم ڏيندي هجي، جتي مايوسي ۽ نااميدي جي پيدائش ٿيندي هجي، جتي بک جي بادشاهي هجي، جتي تن ڍڪڻ دشوار ٿي پوي، ۽ جتي عوام کي خانه بدوشي واري زندگي گھارڻي پوي.“ (3) ”شاهه لطيف نفرت، ظلم، تشدد، منافقت ۽ استحصال کان سخت نفرت ڪندو هو. هو حسن، سچ ۽ محبت کي پسند ڪندڙ هيو. هو غير يقيني ۽ نااميديءَ جي فضا ۾ به ’عشق‘ جي ديوانگيءَ جو مطالبو ڪري ٿو. عشق جيڪو انقلابين جو راشن هوندو آهي.“ (4)
پاڻُ مَ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڌُ،
لالــن تَنين لـڌ، عشق جنين جي اڳ ۾. (سُر سهڻي، د 1)




















